اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان السعود ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپن جي موجوده سطح کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪندي واپار ۽ معيشت جي شعبي ۾ وڌيڪ اڳڀرائي لاءِ ٻطرفي لاڳاپن کي اداره جاتي سطح تي هموار ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. صدر سعودي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪندي چي?? ته پاڪستان سعودي عرب سا?? لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏئي ٿو ۽ ڀائر ملڪ سان معاشي ۽ واپاري لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، هن چي?? ته سعودي قيادت جو ويزن 2030ع، سرسبز سعودي عرب ۽ سرسبز وچ اوڀر منصوبو لائق تحسين ??هي، صدر چي?? ته ڪورونا جي دوران پاڪستاني ڪميونٽي جو خيال رکڻ تي سعودي قيادت جو ٿورائتا آهيون، عالمي وبا جي دوران حج جي ڪامياب انتظامن تي سعودي حڪومت مبارڪباد جي مستحق آهي، صدر ملاقات ۾ ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ معصوم مسلمانن تي ڀارتي ظلم ۽ ستم تي روشني وڌي ۽ چي?? ته عالمي برادري ڪشمير ۾ ڀارتي انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪرائي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرني کي خودمختياري وارو حق ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سعودي پرڏيهي وزير کي خادمين ??رمين ??ريفين، شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ تنمائن جو پيغام به ڏنو، هن ان اميد جو اظهار ڪي?? ته سعودي پرڏيهي وزير جي دوري سان ٻطرفي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ان موقعي تي سعودي پرڏيهي وزير چي?? ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حقيقي طور تي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، سعودي عرب ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح کي برقرار رکڻ جو خواهشمند آهي، هن چي?? ته سعودي قيادت پاڪستان سا?? لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏئي ٿي ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهشمند آهي.