اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪينيڊا جي صوبي اونٽاريو جي علائقي لنڊن ۾ پاڪستاني ڄائي مسلمان ڪينڊين خاندان جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگ??دي جي ان واقعي سان اولهندي ملڪن ۾ وڌندڙ اسلاموفوبيا جي خبر پوي ٿي، ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم پاڪستاني ڄاول ڪينڊين مسلمان خاندان جي قتل تي گهري ڏک ۽ افسوس ج?? اظهار ڪيو ۽ چيو ته دهشتگ??دي جو اهو قابل مذمت قدم اولهندي ملڪن ۾ وڌندڙ اسلاموفوبيا کي ظاهر ڪري ٿو، هن چيو ته عالمي برادري کي گهرجي ته هو اسلاموفوبيا کي روڪڻ لاءِ ڀرپور ق??م کڻي.