اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هي اسلامي دنيا تي آزمائش جو وقت آهي، قبله ا??ل تي حملو اسلامي دنيا تي حملو آهي، 27 رمضان المبارڪ تي اسرائيل قبله ا??ل مسجد اقصيٰ تي حملو ڪري پوري مسلمان امت کي للڪاريو آهي، ان وقت کان هيستائ??ن وزيراعظم عمران خان ۽ پي ٽي آءِ ج?? حڪومت هڪ لمحو به ضايع نه ڪيو، آمريڪا پاران سلامتي ڪائونسل جي امن جي لاءِ سفارشن کي ويٽو ڪري رڪاوٽ وڌي وئي، تاريخ ان ڳالهه جي گواهه رهندي ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ فل??طين جي معاملي تي تاريخ جي صحيح رخ ۾ تي بيٺل هوندو، پي ٽي آءِ ج?? حڪومت فل??طين مسئلي ۽ ڪشمير مسئلي تي ڪڏهن به آنچ اچڻ نه ڏيندي، جمعي 21 مئي تي پوري قوم فل??طينين سان پرامن ۽ شائسته ا??داز ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪري. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ فل??طين تي اسرائيلي جارحيت جي حوالي سان پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پوري ايوان کي مبارڪباد ڏني ته حڪومت جا هٿ ان اتفاق راءِ سان مضبوط ٿيندا ۽ پاڪستان جو وقار بلند ٿيندو.