اسلام آباد – 5 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سٽيزن پورٽل ذريعي ملڪ جي عوام کي سندن چانئٺ تي انصاف فراهم ڪري پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم سٽيزن پورٽل کي ٻن سالن جو عرصو پورو ٿيڻ تي وزيراعظم کي مبارڪون پيش ??ند?? پرڏيهي وزير چيو ته هي اها تبديلي آهي جنهن جو وزيراعظم عمران خان ۽ تحر??ڪ انصاف قوم سان واعدو ڪيو هو. پرڏيهي وزير وزيراعظم جي سٽيزن پورٽل تي وصول ٿيل شڪايتن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ تي پرڏيهي سيڪريٽر?? سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جي سڄي ٽيم جي ڪارڪر??گي جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ڪوڊ-19 جي وبا دوران وزارت پاران سڄي دنيا جي پاڪستانين جي مدد لاءِ ڪرائسز سينٽرز قائم ڪيا.